ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندڙ يوٽيوب چينل ادارن کان دل آزاري تي معافي وٺي ڇڏي. حقيقت ٽي وي جي ٽوئيٽر هينڊل تان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته حقيقت ٽي وي جو مقصد هميشه آگاهي ۽ شعور تي ترويج رهيو آهي، ان سان گڏ پاڪستان ۽ ان جي سمورن ادارن جي هاڪاري سڃاڻپ لاءِ هي چينل هميشه ڪميٽڊ رهيو آهي ۽ آئنده به رهندو، ان دوران ڪيترائي ڀيرا لاها چاڙها ڏٺا جيڪو چينل لاءِ تمام ضروري هو. چينل هڪ ڀيرو وري اهو ورجائي ٿو ته ملڪ، ان جي سلامتي ۽ ان سان واڳيل سمورن ادارن جي هاڪاري ساک لاءِ متحرڪ رهندو. جيڪڏهن حقيقت ٽي وي طرفان ڪنهن اداري جي دل آزاري ٿي آهي ته ان تي اسان معافي وٺون ٿا.