“پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي منظوري لنڊن مان وٺڻي پوندي”: وزيراعظم هائوس جي هڪ وڌيڪ آڊيو ليڪ: سيڪيورٽي سواليه نشان

0
260

هڪ وڌيڪ آڊيو ليڪ سامهون اچڻ کان پوءِ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي بابت سواليا نشان پيدا ٿي ويا، تفصيل موجب هڪ ڏينهن پهريان وزيراعظم هائوس ۾ مبينا طور تي مريم نواز جي ناٺي جي پاور پلانٽ ڀارت مان گهرائڻ جي آڊيو سامهون آئي هئي جنهن کان پوءِ ڪالهه هڪ وڌيڪ آڊيو سامهون اچي وئي آهي،

جيڪا وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس جي ٻڌائي پئي وڃي، سامهون آيل آڊيو ۾ وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير رانا ثناءُ الله، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف، اقتصادي مامرن بابت وفاقي وزير سردار اياز صادق، رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال، قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين جا آواز شامل آهن، سامهون آيل آڊيو ۾ ڄاڻايل حڪومتي اڳواڻ قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي منظوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا، حڪومتي اڳواڻ پي ٽي آءِ جي استعيفائن بابت پنهنجي راءِ ڏين ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته استعيفائون منظور ڪرڻ لاءِ لنڊن کان اجازت وٺڻي پوندي، سامهون آيل آڊيو ليڪ ۾ قانون جو وزير اعظم نذير تارڙ چوي ٿو ته 30، 30 پي ٽي آءِ ميمبرن کي نوٽيس ڏنا پيا وڃن،

جنهن تي وفاقي وزير سردار اياز صادق چوي ٿو ته لسٽ ٺاهي ته ڪنهن ڪنهن سان ملڻو آهي، گهرو وزير رانا ثناءُالله چوي ٿو ته 6 تاريخ تي ڪهڙن 30 ميمبرن کي پيش ٿيڻو آهي، انهن مان 6 کان 7 جون استعيفائون قبول ڪري وٺنداسين، جنهن تي وفاقي وزير سردار اياز صادق چوي ٿو ته جن جون استعيفائون منظور نه ٿينديون انهن بابت چئي ڇڏينداسين ته استعيفائن تي انهن جي صحيح درست ناهي،  اهڙي آڊيو ليڪ کان پوءِ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي جي حوالي سان سوال پيدا ٿي ويا آهن، اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته وزيراعظم هائوس ۾ اهڙو ڳجهو رڪارڊنگ سسٽم لڳل آهي جنهن بابت وزيراعظم، وزير ۽ حڪومتي ميمبر به نه ٿا ڄاڻن، اهو به سوال اٿاريو پيو وڃي ته وزيراعظم هائوس ۾ ڇا قومي سلامتي جي مامري تي ڪو اجلاس ٿي سگهي ٿو؟ گذريل ٻن ڏينهن کان آڊيو ليڪس جو سلسلو جاري آهيسامهون ايندڙ آڊيو ليڪس بابت وزيراعظم هائوس پاران ڪو رد عمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي.