لاهور (م ڊ) حڪومتي اميدوار واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، اليڪشن ۾ ڇا ٿيو، پ پ ۽ نواز ليگ جي موقف ۾ تضاد سامهون اچي ويو، جمعي  ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ خالي ٿي وئي هئي. پي ٽي آءِ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ واثق قيوم عباسي کي نامزد ڪيو هو ۽ هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، جنهن بعد ڪالهه هو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت موجب اپوزيشن نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا پر 5 وڳي تائين ڪير به ڪاغذ جمع ڪرائڻ نه آيو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان واثق قيوم جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن علي حيدر گيلاني کي اميدوار نامزد ڪيو هو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت چيو ته نواز ليگ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ اسپيڪر جي چونڊ ۾ حصو نه ورتو، کين پتو هو ته ساڻن حشر ٿيندو، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار علي حيدر گيلاني چيو ته اسان ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن پراسيس تي اسان کي سخت اعتراض هئا، اسان کي لڳو ته چونڊون صاف شفاف نه ٿينديون، تنهن ڪري اهڙين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڇاڪاڻ ته اسپيڪر جي ٿيل چونڊ تي به اسان کي خدشا آهن. ٻئي طرف نواز ليگ چيو آهي ته اسان انتظار ڪندا رهياسين، 5 وڳي ۾ 10 منٽ هئا پر اسان کي علي حيدر گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ نه ڏنا ويا،