پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻيهر شروع: قوم کي آزادي ڏياريندس: عمران خان

0
172
پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻيهر شروع
پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻيهر شروع: قوم کي آزادي ڏياريندس: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وزيرآباد کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جو چوڻ آهي ته حقيقي آزادي جي تحريڪ اڳتي وڌندي رهندي
تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل عمران خان لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو
عمران خان چيو ته کيس رٿابندي تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اِها رٿابندي سيپٽمبر ۾ جوڙي وئي هئي، 24 سيپٽمبر تي مون چيو هو ته مون کي مارڻ جو پلان جوڙيو اٿن
عمران خان چيو ته ابتسام اسان جو هيرو آهي جنهن حملي کي ناڪام بڻايو، معظم جي شهادت تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، سندس ٻارن جي سار سنڀال ۽ خرچ جي ذميواري پوري ڪندس
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته لانگ مارچ جاري آهي، ڪنٽينر جي فرانزڪ مان ثابت ٿي ويو ته ٻه مختلف گوليون هليون، حقيقي آزادي جي تحريڪ نه رڪندي،
هاڻ اسان کان وڌيڪ اسلام آباد جي عوام کي تڪڙ آهي، لانگ مارچ جي ٽائيمنگ پاڻ طئي ڪنداسين
هن چيو ته نواز شريف هميشه پنهنجي امپائر سان کيڏندو آهي، نواز شريف کي امپائر جي ضرورت آهي، مان پاڪستاني قوم کي بيدار ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان، جتي وزير اعظم بيوس هُجن، اُتي عام ماڻهو کي ڪهڙا حق ملندا، مان قوم کي حقيقي آزادي ڏيارڻ نڪتو آهيان
عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته جڏهن لانگ مارچ راولپنڊي پهچي ته عوام ڀرپور شرڪت ڪري، هيءَ اسان جي بقا جو مسئلو آهي

ھي به پڙھندا

نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو

ارشد شريف کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

بس گھڻو ٿيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرايو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظھار

پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل سوڌو 27 ڄڻن جي چوري ڪيس ۾ به ضمانت منظور