پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ختم: اڄ ٻيھر ملڪگير احتجاج جو اعلان

0
150

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي مڪمل صحتيابيءَ تائين پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ختم ڪيو ويو آھي

تحريڪ انصاف پاران اڄ ٻئي ڏينهن به شام 5 وڳي کانپوءِ ملڪ گير مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آھي

 پي ٽي آءِ جي ترجمان اسد عمر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ به سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا

 پنهنجي ٽويٽ ۾ اسد عمر چيو آهي ته اڄ به هر شهر ۾ احتجاج ٿيندو، حڪمرانن کي ڏيکاريو ته آزاد قوم کي ڪير به دٻائي ۽ روڪي نه ٿو سگهي