لاهور (م ڊ) اپوزيشن ليڊر شهبازشريف  چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪاميٽي جي نتيجن سان ٻه شيون سامهون اچن ٿيون ته پي ٽي آءِ جو شفافيت ۽ بدعنواني جو نعرو دوکو هو، ٽوئيٽ ڪندي شهبازشريف چيو ته جانچ پڙتال کان بچڻ ۽ ڄاڻ روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ دوکو ڏنو، احسن اقبال وزيراعظم کان فوري استعيفا ڏيڻ ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، احسن اقبال چيو ته عمران نيازي جو ميڪ اپ وارو چهرو لٿو ته فنڊنگ وارو چهرو سامهون اچي ويو؟ وقت اچي ويو آهي ته قوم سان فراڊ ڪندڙ جو احتساب ڪيو وڃي.