مظفر آباد (م ڊ) آزادڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ ۾ شڪست کان پوءِ عمران خان جي تنظيم پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي سيٽن تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عمران خان خواجه فاروق اپوزيشن ليڊرنامزد ڪندي پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو اڳواڻ اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندو ان کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي.