پشاور (م ڊ) اين اي 31 پشاور ۾ ننڍي چونڊ کان اڳ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر تحريڪ انصاف جي جلسي لاءِ سرڪاري مشينري جي استعمال جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن ڊائريڪٽر جنرل پشاور ڊوالپمينٽ اٿارٽي کي اڄ 7 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊ مهم ۾ ڪنهن به اميدوار جي لاءِ سرڪاري وسيلن جو استعمال نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته پشاور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي جي تيارين لاءِ سرڪاري مشينري جي استعمال جي وڊيو سامهون آئي هئي. وڊيو ۾ پشاور ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي ڪرين کي تحريڪ انصاف جا جهنڊا لڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.