ڪراچي(م ڊ) طاقتور آفيسر پي ٽي آءِ ۾ 6 وزيراعظم هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان باري ۾ سينئر صحافي سيد عمران شفقت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان پارٽي اڳواڻن کي سامهون اسٽيبلشمينٽ سان ڳجها رابطا رکڻ تي دڙڪا ڏنا. اتفاق سان هڪ طاقتور آفيسر هڪ پڇندڙ کي چيو ته عمران خان نه پاڻ خطرناڪ آهي ۽ نه ئي خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو، سندس پارٽي ۾ ئي 6 وزيراعظم جيڪي روز سلام اماڻيندا آهن.