اسلام آباد: وزيراعظم  شهباز شريف جي صدارت ۾ سياسي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ  ۽ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪيو ويندو، رياست جي رٽ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، هر غيرقانوني عمل جو رستو روڪيو ويندو، عوام جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو، امن امان ۾ خلل وجهندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن قسم جي تشدد، اشتعال انگيزي تي قانون حرڪت ۾ ايندو، ڌرڻي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي روح موجب عمل ڪيو ويندو، عام ماڻهن جي مفادن لاءِ رستا کوليا ويندا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهڙا هٿڪنڊا معيشت کي تباهه ڪرڻ برابر آهن.