لاهور(م ڊ) ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻن نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جنهن بعد نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويندو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻن جهانگير ترين، عليم خان، چوڌري سرور نئين پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهن جنهن لاءِ هنن مختلف اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن، ذريعن موجب ان پارٽي ۾ 15 کان 20 پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر شامل ٿيندا، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ مختلف پارٽين سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪرائي ويندي.