ڪراچي: پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز ڪٿي آهن؟ سنڌ اسيمبلي جي  اسپيڪر آغا سراج دراني پي ٽي آءِ  ميمبرن جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته مون ايوان ۾ نه ايندڙ بابت رپورٽ گهرائي آهي، اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ وڏي انگ ۾ سيٽون خالي پيون آهن، جيڪڏهن ميمبر نه ٿا اچن ته انهن جون پگهارون ڪاٽيون وينديون، جيڪڏهن ميمبرن وٽ اسيمبلي لاءِ وقت ناهي ته پوءِ اسيمبلي  ميمبر ٿيڻ جو حق به رکي نٿا سگهن.