پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي طرفان پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

0
218
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي طرفان پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي طرفان پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري، پي ٽِي آءِ سنڌ جي صدرعلي زيدي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار به تحريڪ انصاف کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي

 هڪ وڊيو ۾ علي زيدي 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدارت سميت سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان

 هن چيو ته اسان پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي ۽ پاڪستان خاطر ئي سياست ۾ آياسين، 9 مئي وارن واقعن جي مذمت ڪئي هئي ۽ ٻيهر ڪريان ٿو، پاڪ فوج اسان جو فخر آهي، پاڪ فوج جي ڪري ئي اسان سڪون سان سمهون ٿاPTI wants to end politics of fear in Karachi, asserts Imran - DAWN.COM

 ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي، 9 مئي تي جيڪي ڪجهه ٿيو، غلط ٿيو، واقعن ۾ جيڪو به ملوث آهي، ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي

 اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار به عمران خان جو ساٿ ڇڏيندي تحريڪ انصاف کي خيرآباد چئي ڇڏيو

 پنهنجي وڊيو بيان ۾ خسرو بختيارپي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هڪ سال اڳ پارٽي قيادت کي چيو هو ته پي ٽي آءِ جو قومي ادارن سان ٽڪراءُ جو نئون سياسي لائحه عمل پارٽِي لاءِ نقصانڪار ٿيندو

هن چيو ته پي ٽِي آءِ جي ان پاليسيءَ سان اختلاف ڪندي پارٽي جي سياست، ڪور ڪميٽي  جي رڪنيت ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدارت  کان دوري اختيار ڪئي آهي

هي به پڙهندا

منهنجي اپيل آهي ته فوري طور تي ڳالهيون شروع ڪيون وڃن، ان کي منهنجي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: عمران خان