اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پاڪستان تحريڪ  انصاف جي اڳواڻ اعجاز چوڌري کي جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني هئي ۽ سندس آزادي جو حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم بعد اعجاز چوڌري کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو پر کيس جيل جي ٻاهران ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. جيل انتظاميا اعجاز چوڌري جي آزاديءَ بعد ٻيهر گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته آزادي جي موقعي تي سندس گهرڀاتي جيل ٻاهران موجود هئا.