پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر اسلام آباد مان گرفتار

0
178

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ آيا هئا، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته کين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه پئي ملي، عدالت نوٽيس وٺي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي

اسد عمر اها درخواست کڻي چيف جسٽس جي ڪمري ۾ ويو، جنهن کانپوءِ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي لائبريري پهتو، جتان اسلام آباد پوليس جي اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار

وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي: مراد علي شاهه

فوجي ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي: پي ٽي آءِ قيادت