پي ٽي آءِ اين اي 249 تي ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
411
وفاقي حڪومت طرفان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين اي 249 تي ٻيهر ووٽنگ جو جواز ئي نٿو ٺهي، ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اين اي 249 تي ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ٻن آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آرڊيننس ذريعي اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو اختيار ڏنو ويو آهي، اليڪٽرانڪ مشين سان 20 منٽن ۾ سموري تڪ جا نتيجا اچي ويندا، پ پ ۽ نواز ليگ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿيون گهرن، حڪومت چاهي ٿي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي، اِي وي ايم بابت قانونسازي جي حوالي سان ڪم مڪمل ٿي ويو، بائيو ميٽرڪ جي ٽيڪنالوجي تي ڪم رهيل آهي.