ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ  جي باغي ايم پي اي اسلم ابڙي جي پٽ جو لفٽ ۾ 2 عورتن تي تشدد، جوابدارن بدران متاثر عورت جو مڙس گرفتار، ڪيس پڻ داخل، ان ڏس ۾ پوليس ذريعن موجب  3 مئي تي ڊي ايچ اي فيز 8 ۾ واقع اپارٽمينٽ جي لفٽ ۾ عورتن ۽ پي ٽي آءِ  جي باغي ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ ۾ جهيڙو ٿيو،  ايم پي اي اسلم ابڙو ذاتي اثر استعمال ڪندي ٺاهه ڪرائي ڇڏيو، متاثر عورت جي مڙس پاران ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ايم پي اي جي پٽ  مٿان پستول تاڻي ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ ايم پي اي اسلم ابڙو 18 مئي تي ناري جي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي پوليس حراست ۾ ورتو، ان ڏس ۾ ايس ايچ او ڊفينس اعظم راڄپر جو چوڻ آهي ته ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ ۽ سندس 2 ملازمن جي لفٽ ۾ داخل  ٿيڻ وقت  اتي موجود عورتن سان ڏند چڪ ٿي هئي،  سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ايم پي اي اسلم ابڙي جو بورچي الله جوايو عورتن تي تشدد ڪندي نظر آيو، هن چيو ت عورتن واري ڌر پاران رابطو ناهي ڪيو، اهي درخواست کڻي اچن ته اسين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ ۽ سندس ملازمن پاران عورتن کي لفٽ اندر ئي 8 منٽن تائين سخت تشدد نشانو بڻايو ويو، ٻنهي عورتن سان گڏ ننڍڙو ٻارڙو به هو، جيڪو لفٽ اندر روئندو رهيو، تشدد جو شڪار عورتن کي انصاف ملڻ بدران پوليس جوابدار جي چوڻ تي عورت جي مڙس کي لاڪپ ڪري ڇڏيو.