ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تان پي ٽي آءِ ايم اين اي عمرڪوٽ واسي بورچي کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، سندس ڀاءَ تي به ڪيس داخل، ايم اين اي جي ڌمڪين واري آڊيو وائرل، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب پي ٽي آءِ ايم اين اي جميل احمد خان 10 سالن کان ڪم ڪندڙ عمرڪوٽ واسي بورچي افضل مڱريو کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون، ايم اين اي جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جي فرياد تي افضل ۽ سندس ڀاءَ اشرف مڱريو تي ملير ڪينٽ ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اشرف ۽ افضل مڱريو 15 هزار ايڊوانس ۽ 10 هزار اوڌر طور ورتا، پئسا وٺڻ باوجود ڪم تي نه آيا، ڪال ڪرڻ تي ايم اين اي کي ڌمڪيون ڏنيون. ٻئي طرف ايم اين اي جميل احمد طرفان بورچي کي ڏنل ڌمڪين واري آڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ايم اين اي بورچي اشرف کي چئي رهيو آهي ته تو مون کان پئسا ورتا، ڊيوٽي تي ڇو نه آيو آهين؟ آئون توکي پوليس موڪلي گرفتار ڪرايان ٿو. آڊيو ۾ ايم اين اي طرفان بورچي کي گارگند ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون. ٻئي طرف بورچي جي والد محمد رحيم مڱريو چيو ته منهنجو پٽ افضل مڱريو جميل خان وٽ 2011ع کان ڪم ڪندو رهيو، افضل ڇڏي آيو ته مون ٻئي پٽ اشرف کي جميل احمد خان وٽ اماڻيو، اشرف جي شادي هئي ته هو فيبروري ۾ ڇڏي آيو، جميل خان کيس 15 هزار خرچي به ڏني. جميل خان کي رمضان ۾ بورچي جي ضرورت هئي، هن ٻيهر اشرف کي ڪم تي اچڻ جو چيو، اشرف ڪم کان جواب ڏنو ته هن اشرف ۽ افضل تي ڪيس ڪرايو، پوليس افضل کي گرفتار ڪري وئي. هن چيو ته اسان غريب آهيون، اسان سان ايم اين اي ظلم ڪيو آهي، اڃا به فون تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وزيراعظم عمران خان نوٽيس وٺن، ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي منهنجي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.