اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي رٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذن نه ڏيڻ تي پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو،تحريڪ انصاف جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل سينيٽر اعظم سواتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي اماڻيل خط ۾ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوارن پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان نامزدگي ڪاغذن لاءِ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن سان رابطو ڪيو، رٽرننگ آفيسرن پاران نامزدگي ڪاغذ فراهم ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽر اعظم سواتي چيو ته رٽرننگ آفيسرن جو اهو قدم صاف و شفاف چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان انحراف ۽ خلاف ورزي آهي، تحريڪ انصاف جي اميدوارن جو استحقاق آهي ته انهن کي نامزدگي ڪاغذ فراهم ڪيا وڃن، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر مامري جو نوٽيس وٺي رٽرننگ آفيسرن کي نامزدگي ڪاغذن جي فراهمي جي هدايت ڪري، جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذن جي فراهمي ۾ دير ڪئي وئي ته اها وقت کان اڳ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ قانون جي خلاف ورزي تصور ٿيندي.