مردان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي آزادي مارچ ۾ فوت ٿيل ڪارڪن جي وارثن  کي پي ٽي آءِ سوا ڪروڙ رپين جي امداد ڏئي ڇڏي. پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل تان ٽوئيٽ ۾ تصوير شيئر ڪري چيو ويو آهي ته چيئرمين عمران خان جي هدايت تي آزادي مارچ دوران شهيد ٿيل تحريڪ انصاف مردان جي ڪارڪن سيد احمد جان جي خاندان کي هڪ ڪروڙ 25 لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي. سيد احمد جان جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون اسان پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ بيٺا آهيون.