ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي نجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهين هاڻ ريسٽ تي آهي ڇو ته شاهين جي گوڏي جي انجري کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ان جاءِ تي زور آيو آهي. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته هاڻي شاهين کي پورا 2 کان 3 مهينا ريڪوري لاءِ وٺڻ گهرجن، هن کي پنهنجي فيلڊنگ ۾ خيال رکڻ گهرجي، ڪنهن اهڙي پوزيشن ۾ ڊائيو نه هڻڻ گهرجي جنهن کانپوءِ هن کي هڪ ڀيرو وري ري هيب تي وڃڻو پوي. آفريدي چيو ته شاهين کي هاڻي گهڻي احتياط سان هلڻو پوندو ۽ پي سي بي کي به شاهين کي گهڻو احتياط سان هلائڻو پوندو. شاهين جي ان فٽ هئڻ باوجود ورلڊ ڪپ کيڏائڻ بابت اڳڪٿين تي آفريدي چيو ته شاهين جيڪڏهن ان فٽ هجي ها ته ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ 2 اوورز به نه وٺي ها.