لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان بلائنڊ ۽ ڊيف ٽيمن لاءِ 10-10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏي. پي سي بي جي جنرل باڊي جو اجلاس 20 جون تي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ ٿيو، پي سي بي جي آئين 2019 جي شق نمبر 20 تحت جنرل باڊي پي سي بي جي سالياني رپورٽ ۽ اڪائونٽس جي آڊٽ شده رپورٽن جو جائزو ورتو. پي سي بي چيئرمين رميز راجا عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان بلائنڊ ۽ ڊيف ٽيمن لاءِ 10-10 لک رپيا انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي. اجلاس دوران جنرل باڊي کي پاڪستان ڪرڪيٽ تي به اپڊيٽ فراهم ڪئي وئي. جنرل باڊي کي قومي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ موجوده رينڪنگ تي بريفنگ ڏني وئي. اختيارين کي پاڪستان مينز ۽ وومنز ڪرڪيٽ ٽيمن جي هلندڙ سال ايندڙ ڪرڪيٽ اسائنمنٽس کان به آگاهه ڪيو ويو.