ڪراچي(اسپورٽس نيوز) امڪان آهي ته مڪي آرٿر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏوگڏ ڊاربي شائر ڪائونٽي جي ڪوچنگ به ڪندو، اهو پهريون موقعو هوندو جو پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ ڪنهن ٻئي لاءِ به خدمتون انجام ڏيندو. پي سي بي مڪي آرٿر کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهو بولنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچز سان گڏوگڏ اسسٽنٽ ڪوچ جو به نالو تجويز ڪري. پي سي بي مڪي آرٿر سان گڏ ڪوچنگ ٽيم هن جي مرضيءَ سان ٺاهيندو. ذريعن موجب پي سي بي مڪي آرٿر لاءِ اهڙو معاهدو ٺاهي رهيو آهي جنهن  موجب مڪي آرٿر ڪائونٽي ۾ مصروف هوندو ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪا سيريز هوندي ته ان وقت پاڪستان ٽيم جون ذميواريون اسسٽنٽ ڪوچ سنڀاليندو ۽ مڪي آرٿر آن لائن يا وڊيو لنگ تي اسسٽنٽ ڪوچ، ٻين ڪوچز، ڪپتان ۽ نائب ڪپتان سان رابطي ۾ هوندو. اهو پاڪستان ٽيم جي ميٽنگز ۾ به وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيندو.