لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته پي سي بي طرفان ٻيهر موقعو ملڻ تي خوشي آهي، پاڪستان سان گڏ ڊربي شائر به مونکي گهڻي عزيز آهي. مڪي آرٿر چيو ته نجم سيٺي کي چوندو رهيو آهيان ته ڊربي شائر منهنجي لاءِ گهڻي اهم آهي، ڊربي شائر سان منهنجو چار سالن جو معاهدو آهي، اڃا هڪ سال ٿيو آهي، مان پاڪستان جي سمورن رانديگرن سان رابطي ۾ رهيو آهيان، پاڪستان ٽيم کي مينيج ڪرڻ اهم آهي، منهنجا لاڳاپا هنن سان سٺا آهن. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن جنهن جي تفيصلن جو بورڊ جلد اعلان ڪندو، مڪي آرٿر ڪوچنگ اسٽاف کي ليڊ ڪندو.