پي سي بي جو اڳوڻو ميڊيڪل ڊائريڪٽر برطرفي تي ڪاوڙجي پيو

0
393

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي ميڊيڪل ڊائريڪٽر سهيل سليم پنهنجي برطرفي تي ڪاوڙجي پيو. هڪ بيان ۾ سهيل سليم چيو ته پي ايس ايل ۾ بدانتظامي جو الزام هڻي مونکي قرباني جو ٻڪرو ڪري استعيفيٰ ورتي وئي. ڊاڪٽر سهيل خان جو چوڻ هو ته مون 365 ڏينهن رات هڪ ڪري پي سي بي لاءِ ڪم ڪيو پر ان جو مونکي صلو اهو ڏنو ويو ته ڪجهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ مونکي ڪڍيو ويو، مون وٽ به اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي آئون ملڪي مفاد ۾ نٿو ٻڌائڻ چاهيان.