لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  آءِ پي ايل جي امڪاني ڊگهي شيڊول بابت ٻين ڪرڪيٽ بورڊز سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب آءِ پي ايل جي اڍائي مهينن تي ٻڌل ونڊو تي پي سي بي جو موقف آهي ته آءِ پي ايل جي ڊگهي شيڊول سبب عالمي ڪرڪيٽ متاثر ٿي سگهي ٿي. بي سي سي آءِ انڊين پريميئر ليگ جو شيڊول اڍائي مهينن تائين ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي، اڍائي مهينن تي ٻڌل آءِ پي ايل شيڊول جي حوالي سان ٻين ڪرڪيٽ بورڊز سان به رابطو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل جي اڍائي مهينن تي ٻڌل ونڊو تي ٻين بورڊز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو ۽ پي سي بي  جولاءِ ۾ برمنگهم ۾ آءِ سي سي اجلاس دوران ان معاملي کي اٿاريندو .