پي سي بي آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني ۾ خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0
367
پي سي بي پاران

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 2024 کان 2031ع دوران آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سرڪل ۾ فيبروري ۽ جون ۾ ٿيندڙ ايونٽس پي سي بي لاءِ ممڪن نه آهن. آڪٽوبر ۾ رٿيل ايونٽس ۾ 2027 ۽ 2031ع جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ شامل آهي، 2028 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2029 جي چيمپئنز ٽرافي به آڪٽوبر ۾ شيڊيول آهي. 2029ع جي چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڪيلي سر ڪرائڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته چيو اٿئون ته 3 ورلڊ ڪپ جي ميزباني پي سي بي 3 ملڪن سان گڏ ڪرڻ تي خواهشمند آهي.