لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پي ايس ايل جون رهيل ميچون ڪرائڻ لاءِ اين سي او سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا ، پي سي بي ترجمان موجب اين سي او سي جي هدايتن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ ميچن بابت فيصلو ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ رهيل ميچون ڪرائڻ جو فيصلو به اين سي او سي کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو هو. موجوده صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحت ۽ حفاظت لاءِ فيصلا ڪيا ويندا پي ايس ايل جي ميچن لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ پي ايس ايل ميچون شيڊول موجب ڪراچي ۾ ٿينديون.