اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ ااڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ پي اي سي رٽائرڊ ججز، جنرلز کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، نور عالم خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته آڊٽ اختياريون ايندڙ ھفتي سمورو رڪارڊ فراهم  ڪن، ملڪ ٻڏي رھيو آھي، سي ڊي اي طرفان پلاٽن جي ڪيل رڪوري بابت به تفصيل ڏنا وڃن. چيئرمين پي اي سي نور عالم خان جو چوڻ آھي ته ھزارين ليٽر مفت تيل ۽ مونيٽائيزيشن پاليسي انجوائي ڪئي  پئي وڃي، ڪاميٽي جي ميمبرن چيو ته ھڪ لک 50 ھزار گاڏين کي مفت پيٽرول فراھم ڪيو پيو وڃي، جنھن تي پي اي سي سرڪاري گاڏين ۾ مفت پيٽرول استعمال ٿيڻ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي. نور عالم خان جو چوڻ ھو ته پروٽوڪول ۾ 20، 20 گاڏيون استعمال ٿي رھيون آھن. شيخ روحيل اصغر چيو ته جيڪڏھن ڪنھن جي جان کي ايترو خطرو آھي ته اھو پنھنجي گھرن ۾ عدالتون لڳائين. جسٽس قاضي عيسي پنڌ ھلي سگھي ٿو ته باقي ججز پنڌ ڇو نٿا ھلي سگھن، پي اي سي جي چيئرمين صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس، آرمي چيف جي پروٽوڪول سان عوام کي تڪليف نه ٿيڻ بابت ڪابينا کي خط لکڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.