اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي  اجلاس دوران قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته هن ايوان پي ايم ڊي سي ترميمي بل ڪاميٽي کي موڪليندي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر اها رپورٽ اڃا تائين نه اچي سگهي آهي، قانونسازي نه ٿيڻ ڪري ميڊيڪل جا شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن، هن ڊپٽي چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجي هدايت تي عمل ڪرايو اگر ايوان اندر توهان جي هدايتن تي عمل نه ٿو ٿئي ته ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ ڪيئن ٿيندو،جنهن تي ڊپٽي چيئرمين بل کي فوري طور تي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پي ٽي آءِ جي شبلي فراز چيو ته پي ايم ڊي سي جو بل اهم آهي، اسان جي حڪومت پي ايم ڊي سي جي قانون تي تمام گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ معيار کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، صحت وزارت جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين همايون محمد چيو ته هن بل ۾ جلد بازي نه ٿي ڪري سگهجي، ڀلي مون کي عهدي تان هٽايو وڃي، جنهن تي ڊپٽي چيئرمين کيس محرم کان پوءِ ان بل تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.