پي ايم ڊي اي ميڊيا تي معاشي حملو قرار: بلاول ڀٽو طرفان عدالت وڃڻ جو اعلان

0
237
پي ايم ڊي اي ميڊيا تي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو طرفان پي ايم ڊي اي ميڊيا تي معاشي حملو  قرار ڏنو ويو آھي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عدالت  وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،  اسلام آباد ۾ ميڊيا آرڊيننس خلاف ڌرڻي دوران بلاول ڀٽو زرداري ڳالھائيندي چيو تھ آرڊيننس منظور ڪيو ويو ته عدالت وينداسين، خدشو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس  ۾ بل منظور ڪيو ويندو، ڌرڻي دوران بلاول ڀٽو زرداري صحافين کي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو تھ  پي ايم ڊي اي صحافين جو معاشي قتل آهي، حڪومت کي ميڊيا  تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين، سليڪٽڊ کي پنهنجي شڪست نظر اچي وئي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ صحافين جو  آواز دٻائڻ لاءِ ڪارو قانون آندو پيو وڃي، صحافين سان هر هنڌ تي احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هي ڪارو قانون آهي، اسان هن کي نه ٿا مڃون، حڪمران فوج کي سياست ۾ نه گهلين، بي اعتمادي جو جمهوري هٿيار استعمال  ڪري سليڪٽڊ کي گهر موڪلي سگهجي ٿو، شهباز شريف سميت اپوزيشن اڳوان سان بهترا تعلق آهي، فضل الرحمان جو احترام ڪريان ٿو،ساڻ اختلاف ناهن، ملڪ ۾ اڄ به پيڪا جو قانون آهي. ھن چيو تھ  حڪومتي وزيرن کي فوج يا فوجي قيادت کي سياست ۾ نه گهلڻ گهرجي، شهباز شريف سوڌو سمورن اپوزيشن اڳواڻن سان بهتر لاڳاپا آهن، مولانا فضل الرحمان جو احترام ڪريان ٿو، ساڻس ڪي به ذاتي اختلاف نه آهن.