ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم بحالي ڪا ميٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو ، خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو، ڪالهه ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد تي پي ايس پي سربراهه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجن ساٿين سميت پهتا، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته حالتون سنگين ٿيڻ  ڪري اسين سڀني کي گڏجي آواز ۾ آواز ڏيڻ گهرجي ، هي تاريخي ۽ فيصلا سازي جو وقت آهي، هتي پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻندڙ ويٺل آهن، هاڻي بار بار وضاحتون نه ڏينداسين،  گورنر سنڌ صرف اسانجو نه پر پوري سنڌ جو گورنر آهي، هن سڀني کي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ذريعي ايم ڪيو ايم کي هارايو ويو، جيڪڏهن ان وقت ڪراچي جي مينڊيٽ جي ڳالهه ٿئي ها ته ملڪ مخالف نعرا هميشه لاءِ دفن ٿي وڃن ها،  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کان سپريم ڪورٽ تائين ڪنهن به اهو ناهي چيو ته اوهان جي استدعا غلط آهي، جيڪڏهن اڄ رات تائين مڪاني تڪبنديون ٺيڪ ٿين ٿيون ته سڀاڻي مڪاني اليڪشن وڙهنداسين نه ته پوءِ پنهنجن حقن لاءِ وڙهنداسين،  هن چيو ته 15 جنوري تي مڪاني اليڪشن ايئن ٿيڻ  نه ڏينداسين، جيئن اهي ڪرائين پيا، جيستائين تڪبنديون ٺيڪ نٿا ڪن، ووٽ جي ڳالهه نه مڃي ويندي ته پوءِ روڊ تي فيصلا ٿيندا، ڪراچي ۾ ڪراچي جي پوليس ناهي، هتي ڌاڙيل ۽ پوليس ٻنهي جي وچ ۾ مائٽي آهي، هن چيو ته اسان جو پ پ سان اتحاد نه پر ورڪنگ رليشن آهي، پي ايس پي مان متحده  ۾ شامل ٿيل مصطفيٰ ڪمال چيو ته منهنجي متحده باني سان ذاتي جهيڙو نه هو، هو ملڪي ادارن خلاف گارگند ڪري مودي کي مدد لاءِ سڏ ڏيندو هو، مون سينيٽر ۽ رابطا ڪاميٽي جو ميمبر هوندي 14 آگسٽ 2013ع تي الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم ڇڏي، جڏهن ته آڪٽوبر 2013ع ۾ انيس قائمخاني پڻ رابطا ڪاميٽي ڇڏي هئي،  هن چيو ته اسان پاڪ سرزمين پارٽي کان ايم ڪيو ايم طرف هجرت ڪئي آهي، اسين خالد مقبول صديقي جي ماتحت ڪم ڪنداسين.  ايم ڪيو ايم کي تقسيم ۽ انتشار مان ٻاهر ڪڍنداسين، ماضي کي وساري سياسي ميچوئرٽي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هڪ ري برانڊيڊ ۽  ريفارمڊ ( صاف سٿري) ايم ڪيو ايم ٺاهينداسين ،هن چيو ته سان  ڪراچي کي را جي تسلط مان انهي ڪري آزاد نه ڪرايو هو ته آصف علي زرداري انهي کي پنهنجي جاگير بڻائي، آصف علي زرداري جيڪڏهن بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿو ته ڪراچي واسين جي زخمن تي مرهم رکي، هن چيو ته ملڪ هلائيندڙ  ڪراچي جي نوجوانن کي عام معافي ڏئي آزاد ڪن ، هن وقت جنيوا ڪانفرنس ذريعي دنيا مان 10 ارب ڊالر مس مليا آهن، اها رقم  رڳو ڪراچي شهر ڪمائي ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان شريف ٿياسين ته سڄو شهر بدمعاش ٿي ويو، متحده ۾ شامل ٿيل ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان مڪاني تڪ بندين خلاف شاهراه فيصل تي ڌرڻو هڻنداسين، پوءِ ڏسون ٿا ته 15 جنوري تي مڪاني  اليڪشن ڪيئن ٿي ٿئي؟ هن چيو ته اسان 23 آگسٽ تي صرف لنڊن کان نه پر پراڻي ماضي کان به عليحدگي اختيار ڪئي،  هاڻي ڪرائيم لاءِ زيرو ٽالرنس آهي، هن چيو ته ڪراچي جا روڊ رستا  تباه آهن، مهانگائي جو ٻوجهه آهي، اٽي جي هٿرادو کوٽ آهي، ميرپورخاص، سکر ، نوابشاهه ترقي جا انجڻ آهن، انهن کي يرغمال نه بڻايو، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو سرفراز دوکو ڏيندو ناهي پر کائندو رهيو آهي، هاڻي سرفرز دوکو نه کائيندو ، اسان جي نوجوانن کي ڪراچي جي ڊوميسائل تي نوڪري ۽ داخلا ملڻ گهرجي