ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي ۽ هٿن ۾ لالٽين کڻي علي ڏنو گاد، نظير احمد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺٽي ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن محمد حيات شورو، حيدر شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. هوڏانهن مورو ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ضلعي نوشهروفيروز جي اميدوارن بينر کڻي پنهنجي حقن لاءِ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.