ڪراچي(ڳالهه ٻولهه: شاهد ميراڻي ) تعليم کاتي پاران پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 95 سيڪڙو ڀرتيون مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته ڪجهه ضلعن مان شڪايت آئي آهي ته ڊي اِي اوز پاران پسند يا نا پسند طور تي استادن کي ٻهراڙين بجاءِ  رڳو شهرن جي اسڪولن ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي، ڊي اِي اوز اهو نه سمجھن ته سڀ ڪجهه مڪمل ٿي ويو آهي، اسان وٽ ڊيٽا موجود آهي، ڀرتيون مڪمل ٿيڻ بعد ڊيٽا ذريعي چيڪ ڪيو ويندو ته  ڪهڙي اسڪول ۾ ڪيترا استاد ۽ ڪيترا شاگرد آهن، اتي ڪيترن استادن جي گھرج آهي، جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ گھرج کان وڌيڪ استادن جي مقرري ٿيل هوندي ته ذميوار اتان جو ڊي اِي او ۽ ٽي اِي او هوندا. ضلعي سطحي تي ڪاميٽيون قائم ڪري هر اميدوار کان پڇا ڪئي ويندي ته ڪنهن ٽي  اِي اوز يا ڊي اِي او کانئن پئسا ته ناهن ورتا. ڀرتيون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڊيٽا جي مدد سان آئون پاڻ انهي معاملي جي نگراني ڪندس. پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين جي حوالي سان “ٽائيم نيوز” سان ڳالهائيندي  هن چيو ته 15 آڪٽوبر تي ڀرتين وارو عمل مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊلائين ڏني هئي، جنهن بعد ڪافي ضلعن ۾ ڀرتيون مڪمل ٿي ويون آهن، ڪجهه ضلعن ۾ ڪجهه آفر آرڊر اڃا رهيل آهن انهي جو سبب  اتان جي ڊي اِي اوز جون بدليون ٿيڻ آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 95 سيڪڙو ڀرتيون مڪمل ٿي ويون آهن. سردار شاھ چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾  ڊي اِي اوز جي گڏجاڻي رکي ويندي، جنهن به ڊي اِي او ۽ ٽي  اِي او جي غفلت سامهون آئي ته ان کي گھر ڀيڙو ڪنداسين. هن چيو ته ڪجهه ضلعن مان اهي شڪايتون مليون آهن ته ڊي اِي اوز پاران اميدوارن کي پسند يا ناپسند جي بنياد تي جوائننگ ڏني وئي آهي، انهي لاءِ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون پيون وڃن، ڪاميٽي جا ميمبر هر اميدوار کان پڇا ڪندا ته کانئن  پئسن جي گھُر ته نه ڪئي وئي آهي؟ هن چيو ته هڪ لک 17 هزار استاد اڳ ۾ئي موجود هئا، هيل وڌيڪ 60 هزار جي ڀڳ استادن جي ميرٽ تي ڀرتي ٿي آهي، مطلب ته سسٽم ۾ هڪ لک 75 هزار استاد موجود آهن، انهي  حساب سان صوبي جو  ڪو به اسڪول استادن جي کوٽ سبب بند نه هجڻ کپي، هن چيو ته مختلف شهرن جي اسڪولن ۾ اضافي استادن جي مقرري جون به شڪايتون مليون آهن، انهي ڪري ڊي  اِي اوز اهو نه سمجھن ته هنن ڀرتيون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ڊيٽا موجود آهي، ته ڪهڙي اسڪول ۾ ڪيترا استاد ۽ ڪيترا شاگرد آهن ۽ اتي ڪيترن استادن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ گھرج کان وڌيڪ استاد هوندا ته اتان جي لاڳاپيل ڊي اِي اوز  خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ڀرتيون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڊيٽا جي مدد سان آئون پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪندس.