پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جون 29 هزار 255 جايون خالي هجڻ جي تصديق

0
225
پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز

ڪراچي: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن مان اڪثر کي اڃا تائين پوسٽنگ ناهي ملي سگهي، جڏهن ته تعليم کاتي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ خالي جايون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن

سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ٻيهر پڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران پتو پيو ته پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جون 29255 جايون خالي آهن

نوشهروفيروز، بينظير آباد،سانگهڙ، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن جا انگ اکر مليا، جڏهن ته حيدرآباد، ٽنڊوالهيار،بدين، ڄامشورو جا هارڊ ۽ سافٽ ايرياز، سيڪنڊري پي ايس ٽي به ڳڻپ ۾ آيا

تعليم کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته 15 ضلعن ۾ پي ايس ٽي جي  21379 ۽ جي ايس ٽي جي 7876 خالي جاين تي ڀرتيون ٿينديون