ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽ جي تقريب 15 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندي. پليئرز ڊرافٽ جي تاريخ ۽ هنڌ جو فيصلو سمورين فنرچائزز جي رضامندي سان ڪيو ويندو. پي ايس ايل ميچز 9 فيبروري کان 19 مارچ تائين لاهور، ملتان، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون. ڊائريڪٽر پي ايس ايل جو چوڻ آهي ته بهترين رانديگرن جي دستيابي کانپوءِ پي ايس ايل 8 هڪ سٺو ايونٽ ٿيندو. دفاعي چئمپين لاهور قلندرز پي ايس ايل 8 ۾ پنهنجي ٽائٽل جو دفاع ڪندو.