پي ايس ايل 7 ۾ شامل 2 آفيشلز ڪورونا جو شڪار: پي سي بي لاءِ نوان چيلينجز

0
345
پي ايس ايل 7 ۾ شامل 2 آفيشلز ڪورونا جو شڪار: پي سي بي لاءِ نوان چيلينجز
پي ايس ايل 7 ۾ شامل 2 آفيشلز ڪورونا جو شڪار: پي سي بي لاءِ نوان چيلينجز

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل 7) جي شروعات کان اڳ ئي 2 ٽيم آفيشلز کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي.  چيف آپريٽنگ آفيسر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سلمان نصير ٻڌايو ته پي ايس ايل جي تقريب جمعي تي شيڊول موجب ٿيندي. هن ٻڌايو ته پي ايس ايل 7 سان واڳيل سمورا پرڏيهي رانديگر پاڪستان اچي رهيا آهن.

سي اي او تصديق ڪئي ته ڪراچي ۾ پري ٽيسٽنگ دوران 2 آفيشلز کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. پي سي بي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته 2 ٽيم آفيشلز ۽ هوٽل عملي جا 40 ملازم به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.  پي سي بي موجب ڪورونا جو شڪار هوٽل عملي کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پي سي بي جي عملي سميت ڪراچي اسٽيڊيم جي ملازمن کي ڪوورنا وائرس جو شڪار ٿيڻ بعد پي سي بي لاءِ نوان چيلنيجز سامهون اچي رهيا آهن.