پي ايس ايل 7 جو پهريون مرحلو 27 جنوري کان شروع ٿيڻ جو امڪان

0
508

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن جي معاملن کي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو ويندو

ذريعن موجب پي ايس ايل سيون جو پهريون مرحلو 27 جنوري کان شروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ روزاني جي بنياد تي ميٽيگز جو سلسلو جاري آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ 12 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب پي ايس ايل کي ٻن يا ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهريون مرحلو جلد شروع ٿيندو ته جيئن وقت سر ايونٽ ٿي سگهي.