پي ايس ايل 7: بابر اعظم ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان مقرر

0
600
ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ واري فيصلي جي ڄاڻ ناهي، ٻيهر پهرين پوزيشن ماڻڻ جي ڪوشش ڪبي: بابر
ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ واري فيصلي جي ڄاڻ ناهي، ٻيهر پهرين پوزيشن ماڻڻ جي ڪوشش ڪبي: بابر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو. ڪراچي ڪنگز فرنچائز موجب بابر اعظم هاڻ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو

  ان حوالي سان بابر اعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي ڪنگز مون لاءِ فيملي جيان آهي، گذريل 5 سالن کان ڪراچي ۾ کيڏي رهيو آهيان، هن ڀيري انتظاميا مون تي اعتماد ڪندي ڪپتاني جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته ڪپتان طور 100سيڪڙو ڪردار ادا ڪيان، مان ذميواري کان فرار ٿيڻ بدران ان ۾ پرفارمنس ڪندو آهيان.  واضح رهي ته پي ايس ايل جو ستون ايڊيشن 2022 ۾ ڊسمبر جي ٻئي هفتي شروع ٿيندو.