راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 24 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنز ٺاهيون. روومن پاويل 64، ٽوم ڪوهلر ڪيڊمور 56 ۽ حسيب الله خان 50 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڪراچي ڪنگز طرفان محمد عامر 26 رنز ڏئي 4 ۽ تبريز شمسي هڪ وڪيٽ ورتي. ڪراچي ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنز ٺاهي سگهي. ميٿيو ويڊ 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان عماد وسيم 30 بالن تي 57 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. پشاور زلمي طرفان عامر جمال ۽ عمر زئي 3-3 وڪيٽون ورتيون.