لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ڪواليفائر رائونڊ ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم لاهور قلندرز کي 84 رنز تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ملتان سلطانز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون. پولارڊ 57 ۽ محمد رضوان 33 رنز ٺاهي نمايان رهيا. لاهور قلندرز طرفان حارث رئوف 3 وڪيٽون ورتيون. لاهور قلندرز جي ٽيم 161 رنز جي هدف پٺيان 14.3 اوورن ۾ 76 رنز تي ڍير ٿي وئي. شيلڊن ڪوٽريل 3 ۽ عثامه مير 2 وڪيٽون ورتيون. پولارڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.