لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ _8 جي ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 31 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنز ٺاهي پي ايس ايل 8 جو سڀ کان وڏو اسڪور ۽ پي ايس ايل تاريخ جو ٽيون نمبر وڏو اسڪور ٺاهي ورتو. فخر زمان 45 بالن تي 10 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 96 رنز جي جارحاني اننگ کيڏي، عبدالله شفيق 41 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 75 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سيم بلنگز 23 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 47 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. پشاور زلمي طرفان وهاب رياض 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ڀرپور مزاحمت ڪئي پر ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. پشاور زلمي 242 جي ٽارگيٽ پويان ويندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنز ٺاهيون. پشاور پاران ٽوم ڪوهلر 55 ۽ صائم ايوب 51 رنز ٺاهي نمايان رهيا. لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي 5 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته زمان خان 2، حارث رئوف ۽ راشد خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. لاهور جي فخر زمان کي 90 رنز ٺاهڻ تي مين آف دي مچ قرار ڏنو ويو.