لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 110 رنز تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي.  لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنز ٺاهيون. عبدالله شفيق 45، فخر زمان 36، سيم بلنگس 33 رنز ٺاهي نمايان رهيا. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ٽام ڪيورن 3، شاداب خان 2، ابرار احمد ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.  اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 13.5 اوورن ۾ 90 رنز تي ڍير ٿي وئي. اسلام آباد جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. ڊيوڊ وائيس 3، راشد خان ۽ سڪندر رضا 2-2 وڪيٽون ورتيون.