ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي شاهد آفريدي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاسٽ بالر نسيم شاهه به پي ايس ايل کان ٻاهر ٿي ويو آهي. نسيم شاهه تي ڪورونا پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ ڪورونا پروٽوڪولز تحت ڪراچي ۽ لاهور مان چارٽر فلائيٽ ذريعي ابوظهبي روانو ٿيندڙ مسافرن کي 24 مئي تي لاهور ۽ ڪراچي جي ٽيم هوٽلز ۾ داخل ٿيندي وڌ کان وڌ 48 ڪلاڪ اڳ پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي پر نسيم شاهه 18 مئي تي ڪرايل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائي. بورڊ ٻڌايو آهي ته پراڻي رپورٽ جمع ڪرائڻ تي نسيم شاهه کي هوٽل جي ڌار ماڙ تي آئسوليشن ۾ رکيو ويو، جنهن کانپوءِ پي ايس ايل لاءِ 3 رڪني آزاد ميڊيڪل ايڊوائزري پئنل جي سفارشن تي کيس رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان عمل تي نسيم شاهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽيم مون کي سمجهايو هو پر خبر ناهي ڪيئن پراڻي رپورٽ اچي وئي، آئون پي ايس ايل کيڏڻ چاهيان ٿو. ٻئي طرف ڪوئيٽا جي ئي آل رائونڊر انور علي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي جنهن بعد کيس هوٽل ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي ۽ هو هاڻ ٽيم سان گڏ ابوظهبي روانو ٿي نه سگهندو.