پي ايس ايل جِي اهم ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 12 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
519

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سڪس جي 16هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 117 رنز جو هدف ڏنو. رِلي روسو 44 ۽ خوشدِل شاهه به 44 رنز اسڪور ڪيو، صهيب مقصود 31 رنز ٺاهيون، ڪراچي ڪنگز جَي بالر ٿِسَيرا پَريرا 2 وڪيٽون ورتيون، عماد وسيم ۽ وقاص مقصود هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جا رانديگر بالرن آڏو بيوس ٿي ويا، سموري ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنز ٺاهي سگهي. ڪراچي ڪنگز جي اسڪواڊ ۾ عماد وسيم (ڪپتان) بابر اعظم، شرجيل خان، مارٽن گپٽل، نجيب الله زدران، چيڊوڪ والٽن، ٿسارا پريرا، قاسم اڪرم، وقاص مقصود، محمد عامر ۽ ارشد اقبال شامل آهن،جڏهن ته ملتان سلطانز ۾ محمد رضوان(ڪپتان) رحمان برباز، رائلي روسو، شيمرون هٽمائر، صعيب مقصود، خوشدل شاهه، سهيل تنوير، عمران، عمران طاهر ۽ شاهنواز ڏهاڻي شامل آهن.