ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جو ميلو اڄ کان ڪراچيءَ ۾ شروع، افتتاحي ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ان سلسلي ۾ ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن جي شروعات اڄ کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي کان ٿيندي. جتي هڪ مختصر افتتاحي تقريب کانپوءِ دفاعي چئمپين ملتان سلطانز ۽ ميزبان ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. بابراعظم ڪراچي ڪنگز ۽ محمد رضوان ملتان سلطانز جي ڪپتانيءَ جي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. اين سي او سي جي هدايت مطابق ليگ جي ڪراچي ۾ کيڏڻ سبب ميچن ۾ 25 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت آهي جڏهن ته لاهور ۾ شيڊيول ايونٽ جي ٻئي مرحلي لاءِ تماشائين جي تعداد جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ايونٽ جي ٻي ميچ سڀاڻي پشاور زلمي ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻئي ڏينهن ٽورنامينٽ ۾ 2 ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ ملتان سلطانز ۽ ٻي ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. پي ايس ايل جي افتتاحي ايڊيشن 2016 ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. ٻي ايڊيشن پشاور زلمي، ٽئين وري اسلام آباد يونائيٽيڊ، چوٿين ڪوئٽا گليڊي ايٽرز، پنجين ڪراچي ڪنگز ۽ ڇهين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز ڪاميابي ماڻي.