لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جو اثر جرمن فٽبال ۾ به نظر اچڻ لڳو. هيراٿ برلن ڪلپ پنهنجي اڪائونٽ تان هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪيون پرنس گول جو جشن شاهين شاهه آفريدي جي انداز ۾ ملهائي رهيو آهي. ان پيغام ۾ فاسٽ بالر ۽ فٽبالر ٻنهي جي تصوير شيئر ڪندي لاهور قلندرز جو ٽيگ ڪيو ويو، پيغام ۾ لکيو ويو ته پرنس تي پي ايس ايل 8 جو جذبو ڇانئجي ويو، جشن ملهائڻ جو ايڪشن ڪنهن جو بهتر هو؟