ڪراچي (م ڊ) پي ايس او جو ڪي اليڪٽرڪ کي لکيل جوابي خط به سامهون اچي ويو، ڪي اليڪٽرڪ پي ايس او کي فرنس آئل جي گهرج جو ٻڌايو ته هن واضح ڪري ڇڏيو ته گهربل مقدار ۾ فرنس آئل جي فراهمي مشڪل ٿي سگهي ٿي، پي ايس او پاران فرنس آئل درآمد ڪرڻ لاءِ فوري ٽينڊر ڪرڻ جو اطلاع آهي، ذريعن موجب فرنس آئل اڳ ئي مهانگو آهي ۽ ايتري ايمرجنسي ۾ وڌيڪ مهانگو ملڻ جو خدشو آهي، جنهن سان وڌيڪ بجلي مهانگي ٿيندي.