پي آئي اي جي خاص اڏام چين مان 15 لک 50 هزار ويڪسين کڻي آئي

0
341

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي آئي اي جي خاص اڏام چين مان 15 لک 50 هزار ويڪسين کڻي اسلام آباد پهچي وئي آهي، جنهن مان ڪجهه ويڪسين اسلام آباد ۾ آف لوڊ ڪرڻ بعد اڏام ڪراچي جي لاءِ رواني ٿيندي، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته پي آئي اي جي ٻئي اڏام 22 جون تي 20 لک وڌيڪ ويڪسين کڻي پاڪستان پهچندي، جڏهن ته پي آءِ 22 جون تي هڪ خصوص اڏام ذريعي 20 لک وڌيڪ ويڪسين پاڪستان کڻي ايندي، پي آءِ اي هن ريليف آپريشن جي لاءِ بوئنگ 777 جهاز استعمال ڪري رهيو آهي.