پي آءِ اي ذريعي برطانيه ويندڙ مسافرن لاءِ سٺي خبر اچي وئي

0
198
ايف بي آر پي آءِ

ڪراچي(م ڊ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي ذريعي برطانيه ويندڙ مسافرن لاءِ سٺي خبر اچي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي برطانيه جي لاءِ خصوصي اڏامون شروع ڪرڻ جو لاءِ پلان تيار ڪيو آهي ۽ پي آءِ اي پنهنجي مسافرن کي چارٽر فلائٽس جي ذريعي برطانيه پهچائيندو.

پي آءِ اي جي سي اي او ارشد ملڪ ٻڌايو ته پاڪستان کان برطانيه ويندڙ مسافرن جي لاءِ خصوصي اڏامون هلايون وينديون.

هن چيو ته برطانيه طرفان پاڪستان کي ڪورونا پابندين وارن ملڪن جي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ واري فيصلي کان فوري بعد تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

ارشد ملڪ موجب پي آءِ اي جي مسافرن کي برطانيه پهچائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا پيا وڃن.